حڪومت عوام تي هڪ ٻيو مهانگائيءَ جو بم ڪيرائي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت گاسليٽ 39 رپيا 20 پيسا في ليٽر مهانگو ڪري ڇڏيو، گاسليٽ جي نئين قيمت 358 رپيا هڪ پيسو في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.
وفاقي حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل تي پيٽروليم ليوي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
پيٽرول تي في ليٽر ليوي 105 رپيا 37 پيسا ۽ ڊيزل تي 55 رپيا 24 پيسا في ليٽر ليوي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
توانائي واري وزارت جو چوڻ آهي ته حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه برقرار رکي 23 ارب رپين جي سبسڊي ادا ڪندي، 23 ارب رپين جي سبسڊي 14 مارچ کان 20 مارچ تائين ادا ڪئي ويندي، پيٽرول تي في ليٽر 49 رپيا 63 پيسا، جڏهن ته ڊيزل تي في ليٽر 75 رپيا 5 پيسا سبسڊي ادا ڪئي ويندي.
وزارت موجب اها رقم آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين کي پرائس ڊيفرنشيل ڪليمز جي مد ۾ ادا ڪئي ويندي، 23 ارب رپين جا پرائس ڊيفرينشل ڪليمز اوگرا طرفان ادا ڪيا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.