”هيءُ شهر ۽ ٻار گُهٽجي رهيا آهن“ دپيڪا پاڊڪون کي ممبئي جي موتمار فضائي گدلاڻ تي ڳڻتي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ سپر اسٽار دِپيڪا پاڊڪون ممبئي ۾ وڌندڙ فضائي گدلاڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته شهر گُهٽجي رهيو آهي، ان مسئلي جي حل لاءِ اختيارين کي ترت جوڳا قدم کڻڻ گهرجن.
خميس جي صبح ممبئي جي ڪيئي علائقن ۾ ڪوهيڙو ۽ سموگ ڇانيل هو، جنهن سبب ساهه کڻڻ ڏکيو ٿي ويو.
سموگ شهر جي مختلف حصن کي وڪوڙي ڇڏيو، جنهن سبب حد نگاهه گهٽجي وئي ۽ شهري هوا جي معيار بابت پريشان نظر آيا.
دِپيڪا پاڊڪون فضائي گدلاڻ جي بگرجندڙ صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪندي اختيارين کان ترت مداخلت جو مطالبو ڪيو.
هن پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي سموگ ۾ ويڙهيل شهر جي تصوير شيئر ڪندي ميونسپل ڪارپوريشن ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي کي ٽيگ ڪيو.
پنهنجي پيغام ۾ اداڪارا لکيو ته ”هي شهر (۽ ان جا ٻار) گُهٽجي رهيا آهن! هي ڪيئن ٺيڪ ٿي سگهي ٿو؟”
ٻئي پاسي ڀارتي شهرين جو به چوڻ آهي ته ممبئي ۾ فيبروري کان صورتحال مسلسل خراب ٿيندي پئي وڃي.
اداڪارا ريچا چڊا به خراب فضائي معيار کي انساني پيدا ڪيل الميو قرار ڏيندي چيو ته ان مسئلي تي وڌيڪ عوامي آواز اٿڻ گهرجن.
واضح رهي ته دپيڪا پاڊڪون بالي ووڊ بادشاهه شاهه رخ خان سان گڏ فلم ”ڪنگ“ ۾ نظر ايندي، جيڪا ڊسمبر 2026 ۾ رليز ٿيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.