ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي سينيئر اداڪار انيل ڪپور انڪشاف ڪيو آهي ته کيس پاڪستان جي شهر ڪراچي جي علائقي لياري جي گينگ وار تي ٻڌل فلم ”ڌُرنڌَر“ جي سيڪوئل ۾ مختصر ڪردار جي آڇ ڪئي وئي هئي، جيڪا هن رد ڪري ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي 69 ورهين جي اداڪار چيو ته فلمساز آدتيه ڌر کيس فلم ڌُرنڌَر ٽو ۾ ڪيميو رول جي آڇ ڪئي هئي، جيڪا کيس وڻي به پر وقت جي کوٽ سبب هو فلم جو حصو نه بڻجي سگهيو.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آدتيه ڌر مون وٽ ڌُرنڌَر 2 لاءِ آيو هو ۽ سندس خواهش هئي ته مان فلم ۾ مختصر ڪردار ادا ڪيان.
هن چيو ته اڄ هو جيڪو ڪجهه به آهي اهو پنهنجي پروفيشنل، ايمانداري ۽ واعدن جي پابندي سبب آهي، رڳو صلاحيت ئي انسان کي سوڀارو نٿي بڻائي.
اداڪار موجب، هن پنهنجي تاريخون اڳ ئي هڪ ٻئي فلمساز کي ڏئي ڇڏيون هيون، تنهنڪري هن ڪيل واعدي کي نڀائڻ مناسب سمجهيو، اها فلم به رليز ٿيڻ واري آهي، اهو منهنجو نقصان آهي پر اميد آهي ته مستقبل ۾ گڏ ڪم ڪنداسين.
ان بيان کانپوءِ سوشل ميڊيا تي افواهه جنم وٺي رهيا آهن، ڪجهه مداحن جو خيال آهي ته شايد کيس سيڪوئل ۾ پراسرار ڪردار ” بڙا صاحب“ جي آڇ ڪئي وئي هئي.
ٻئي پاسي افواهه آهن ته اِهو ڪردار عمران هاشمي ادا ڪري سگهي ٿو، جڏهن ته پروڊڪشن ڪمپني طرفان ان حوالي سان ڪو به باظابطا اعلان نه ڪيو ويو آهي.
You might also like