مٺي (رپورٽ: غازي بجير) مٺي سول اسپتال جي چيف ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ نرس سان زيادتي جي الزامن کانپوءِ اسپتال جي رهائشي ڪوارٽر ۾ ڦاهو کائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو.
ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ آپگهات کان اڳ پنهنجي ويجهن دوستن کي خط ۽ وائيس ميسيج ذريعي اهو انتهائي قدم کڻڻ جو سبب ۽ ذميوارن بابت پڻ آگاهه ڪيو.
ڊاڪٽر پاران آءِ جي سنڌ ڏانھن لکيل خط ۾ ڄاڻايو آھي ته مون تي اسٽاف نرس سان زيادتي جو ڪوڙو الزام هڻي وڏو ٽارچر ڪيو ويو آھي، انڪري آپگهات ڪرڻ تي مجبور ٿيو آهيان.
هن چيو ته مون کي ايم ايس هريش جڳاڻي، ڊاڪٽر موهن کتري، ڊاڪٽر مالڪ نهڙيو، برڪت هنڱورجو، سردار، منٺار ڀيل ۽ ٻين ٽارچر ڪيو ۽ انهن تي قتل جو ڪيس داخل ڪيو وڃي.
ھوڏانھن الزام ھيٺ آيل ڊاڪٽر ھريش جڳاڻي ٻڌايو ته ڊاڪٽر سان ڪجھه ڏينھن اڳ اسٽاف نرس منٺار ڀيل جي ڏند چڪ ٿي هئي، ڊاڪٽر جي شڪايت تي مون ڪميٽي جوڙي ۽ جاچ کانپوءِ منٺار کي ڏوهي قرار ڏيندي سندس شفٽ تبديل ڪئي هئي، ڊاڪٽر الائي ڇو جذبات ۾ اچي ايڏو وڏو قدم کنيو.
You might also like