لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي سليڪشن ڪميٽي جي ميمبر عاقب جاويد جو چوڻ آهي ته بابر اعظم انجري جو شڪار آهي، تنهنڪري هو بنگلاديش سيريز ۾ شامل ناهي، جڏهن ته فخر زمان به انجري جو شڪار آهي، جاچ ڪرائينداسين ته ڪيئن ٻه اهم رانديگر ورلڊ ڪپ کان پوءِ انجري جو شڪار ٿي ويا.
لاهور ۾ قومي سليڪشن ڪميٽي جي پريس ڪانفرنس دوران عاقب جاويد چيو ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ٽيم مان وڏيون اميدون هيون پر اسان اهڙي ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيا جيئن ڏيکارڻ گهرجي ها، ڀارت سان نتيجو هن وقت تائين 8 ٻڙي آهي، ان ۾ سڀ شامل آهن پر جيڪڏهن ڀارت واري ميچ الڳ ڪري ڇڏيو ته باقي توهان رڳو هڪ ميچ هارائي آهيو.
عاقب جاويد چيو ته هڪ ميچ برسات جي ور چڙهي وئي ۽ اسان سيمي فائنل ۾ ڪواليفاءِ نه ڪري سگهياسين، پوءِ سڀ چوڻ لڳن ٿا ته سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو.
هن چيو ته بابر اعظم انجري جو شڪار آهي، تنهنڪري هو بنگلاديش خلاف سيريز ۾ شامل ناهي، جڏهن ته فخر زمان به انجري جو شڪار آهي، جاچ ڪرائينداسين ته ڪيئن ٻه رانديگر ورلڊ ڪپ ستت ئي انجري جو شڪار ٿي ويا، اهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته ڇا اهي ايونٽ دوران ئي انجرڊ هئا.
سندس چوڻ هو ته بابر اعظم سميت ڪنهن جي به ورلڊ ڪپ ۾ وڃڻ يا نه وڃڻ بابت گڏجي فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته بنگلاديش ۾ اڳ ئي سوچيو ويو هو ته نون رانديگرن کي موقعو ڏنو ويندو.
عاقب جاويد موجب، بابر اعظم، فخر زمان ۽ سلمان مرزا هن وقت کيڏڻ لاءِ فِٽ ناهن ۽ ڇا توهان سمجهو ٿا ته جيڪڏهن ٽيم فائنل ۾ پهچي وڃي ها ته ڇا اهي کيڏڻ لاءِ فِٽ هجن ها.
هن چيو ته اسان کي اميد هئي ته سيمي فائنل ۾ پهچنداسين پر ائين نه ٿي سگهيو، اهو طئي آهي ته پليئنگ اليون ڪوچ ۽ ڪپتان جي ذميواري آهي، اسان کي ڪو شوق ناهي ته هتي ويهي 11 رانديگرن جو فيصلو ڪريون، پليئنگ اليون جي چونڊ ۾ منهنجو ڪو حصو ناهي.
پنهنجي ڳالهه جاري رکندي عاقب جاويد چيو ته اها آزادي ڪوچ ۽ ڪپتان وٽ هئڻ گهرجي، ڇو ته ميدان ۾ رانديگرن کي انهن ئي کي کيڏائڻو هوندو آهي، ورلڊ ڪپ جي پليئنگ اليون چونڊڻ جو حق به ڪپتان ۽ ڪوچ وٽ هئڻ گهرجي ۽ اهو به اهي ئي ٻڌائي سگهن ٿا ته ڪير ڇو نه کيڏيو.
عاقب جاويد ان ڳالهه تي زور ڏيندي چيو ته هر اسٽيڪ هولڊر کي پنهنجي ذميواري کڻڻ گهرجي، اسان هر ايونٽ کان پوءِ چوندا آهيون ته اسڪروٽني ٿيڻ گهرجي، سڀ بدلائي ڇڏيو، چيئرمين مٽائي ڇڏيو، سليڪٽرز تبديل ڪيو، ڪپتان هٽائي ڇڏيو، هر هار کان پوءِ اهي ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون.
هن چيو ته اسان سڀ کان وڌيڪ تبديليون ڪيون آهن، منهنجي خيال ۾ ڊيولپمينٽ ناهي ٿي رهي، 2009 کان پوءِ اسان جي ڊيولپمينٽ اهڙي نه ٿي آهي جيئن ٿيڻ گهرجي ها، اسان وٽ رڳو ائين هوندو آهي ته هاڻي هارايو آهي ته سڀني کي هٽائي ڇڏيو.
عاقب جاويد چيو ته جيسن گليسپي چيو هو ته 15 رڪني ٽيم ۾ تبديلي نه ٿيندي، تنهنڪري ان وقت فيصلو ڪيو ويو ته سليڪشن ڪميٽي هٿ تي هٿ رکي نه ويهندي.
اڳوڻي فاسٽ بالر عاقب جاويد چيو ته اسان جي سوچ اها هئي ته ڪوچ کي فري هينڊ به ملڻ گهرجي، هن ڀيري به اسان 20 رانديگر ڏنا ۽ انهن مان ڏٺو ويو ته ڪهڙو ڪامبينيشن مناسب آهي.
عاقب جاويد چيو ته انٽرنيشنل ايونٽس موجب ڊوميسٽڪ ٽورنامينٽس ناهن ٿيندا، پر اهو به ممڪن ناهي ته هڪ ايونٽ جي بنياد تي انٽرنيشنل ايونٽ لاءِ رانديگر چونڊيون.
ٻئي پاسي سرفراز احمد چيو ته 3 يا 4 وڪيٽ ڪيپر پائيپ لائين ۾ موجود آهن، جن ۾ حسيب الله ۽ روحيل نذير شامل آهن، جڏهن ته غازي غوري جو تازو فارم سٺو رهيو آهي، ڊيولپمينٽ طور غازي غوري سٺو آپشن آهي ۽ شامل حسين جي علائقائي ڪارڪردگي به شاندار رهي آهي.
هوڏانهن قومي سليڪشن ڪميٽي جي ميمبر مصباح الحق چيو ته اهو ڏسڻو آهي ته پاڪستان کي ڪٿي ڪهڙي رانديگر جي گهرج آهي، هن وقت منهنجي جيڪا ذميواري آهي مان ان تي ئي ڌيان ڏئي رهيو آهيان.
مصباح الحق وڌيڪ چيو ته جڏهن به موقعو ملندو آهي ته ڪوشش ڪندو آهيان ته ٽيم کي وڌ کان وڌ لاڀ پهچايان، ڪپتاني دوران غلطيون ٿيون آهن پر غلطيون راند جو حصو هونديون آهن.