لڪي مروت (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخوا جي ضلعي لڪي مروت جي قبائلي سب ڊويزن بيٽني ۾ پوليس موبائل ڀرسان ڌماڪي جي نتيجي ۾ ايس ايڇ او سميت 7 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا.
لڪي مروت پوليس جي ترجمان موجب، پوليس موبائل تي ٿيل ڌماڪي ۾ 6 اهلڪار شهيد ۽ هڪ اهلڪار زخمي ٿيو هو، زخمي اهلڪار کي انصاف الدين اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو.
پوليس ترجمان موجب، بارودي مواد پوليس موبائل جي ڀرسان نصب ڪيو ويو هو، ڌماڪي کانپوءِ علائقي ۾ پوليس جي واڌو نفري موڪلي وئي آهي.
پوليس موجب، شهيدن ۾ ٿاڻي شادي خيل جو ايس ايڇ او صدر اعظم به شامل آهي.
وزيراعظم پاران پوليس حملي جي مذمت
وزيراعظم شهباز شريف لڪي مروت ۾ پوليس وين ويجهو دهشتگردن جي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون ضايع ٿيڻ نه ڏينداسين.
هن وڌيڪ چيو ته ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پُرعزم آهيون.