اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري نهال هاشمي کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
صدر، وزيراعظم جي ايڊوائس تي نهال هاشمي جي گورنر طور مقرري جي منظوري ڏني آهي.
صدر آصف علي زرداري نهال هاشمي کي گورنر مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي.
واضح رهي ته ڪراچي سان واسطو رکندڙ نهال هاشمي گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ن ليگ سان سلهاڙيل آهن.
You might also like