افغانستان ۾ موجود دهشتگرد تنظيمون پاڙيسري ملڪن لاءِ سنگين خطرو آهن: چين

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) افغانستان ۾ دهشتگردن جي موجودگي ۽ پٺڀرائي سبب طالبان رجيم تي عالمي دٻاءُ وڌي ويو.
گڏيل قومن ۾ چين جي مستقل نمائندي فوڪونگ طالبان رجيم تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته افغانستان ۾ فتنه الخوارج، اي ٽي آءِ ايم، داعش ۽ ٻيون دهشتگرد تنظيمون سرگرم آهن.
هن چيو ته افغانستان ۾ موجود دهشتگرد تنظيمون پاڙيسري ملڪن لاءِ سنگين خطرو آهن، افغانستان ۾ چيني شهرين تي به حملا ٿيا آهن.
سندس چوڻ هو ته چين افغانستان مان ٿيندڙ هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو، افغان طالبان تي زور ڏيون ٿا ته اهي دهشتگردي جي سنگين خطرن کي تسليم ڪن ۽ سرگرم سڀني دهشتگردن عنصرن جو خاتمو ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.