سنڌي قوم مٿان منشيات جي جنگ مڙهي وئي آهي:وسند ٿري

حيدرآباد (پ ر) رسول بخش پليجو فڪري اسڪول جي عنوان سان منعقد ٿيل عوامي تحريڪ جو ٽن ڏينهن جو تعليميتربيتي ورڪشاپ اڄ ٽئين ڏينهن پڄاڻي تي پهتو، ورڪشاپ ۾ نور احمد ڪاتيار، عبدالقادر رانٽو، عمره سمون، درياءَ خان زئور، ماهه نور ملاح، ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو، ڪاشف ملاح، ڊاڪٽر دلدار لغاري، نور نبي پليجو، مجيد ساگر پرهياڙ، ايڊووڪيٽ خالد تنيو، محمد علي ٽالپر،سڀاني ڏاهري، محمد علي خاصخيلي، اعتزاز گائينچو، سرمد سائينداد خاصخيلي ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي.عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته چين جي موجوده ترقي جو راز مائوزي تونگ جي اڳواڻي ۾ آيل چيني انقلاب آهي ۽ چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي فولادي ضابطي، گڏيل ليڊر شپ ۽ مارڪسزم کي چين جي حالتن آهر اپنائڻ سبب چائنا ترقي جا ڏاڪا چڙهي رهيو آهي. چيني انقلاب سنڌي قوم لاءِ مشعل راہ آهي. چين جي عظيم انقلاب جي ڪري اڄ چين پنهنجي ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو آهي. هن چيو ته جيئن چيني قوم کي غلام بڻائڻ لاءِ چين مٿان آفيم جي جنگ مڙهي وئي تيئن سنڌ مٿان به منشيات جي جنگ مڙهي وئي آهي، ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي چيو ته پاڪستان ۾ اوچتو پيٽرول مهانگو ٿيڻ جو سبب جنگ نه پر حڪمرانن ۽ سرمائيدارن جي لالچ ۽ هٻڇ آهي، ايران سامراج مخالف جنگ وڙهي رهيو آهي، تنهنڪري اسان کي ايران جي کلي حمايت ڪرڻ گهرجي، گلڻ ڀنڊ چيو ته استاد بخاري سنڌي قوم جي سمورن روين تي شاعري ڪئي. هن کي سنڌ ڌرتيءَ سان عشق هو. هن کي سنڌ جي ماروئڙن،  سنڌ ڌرتيءَ جي وڻن ٽڻن سان پکين سان سمورن جاندارن سان عشق هو. استاد بخاري کي سنڌ جي سونهن ۽ ساوڪ سان پيار هو. هو فطرت جو عاشق هو. استاد بخاري پنهنجي نجي ترقي بدران قوم جي گڏيل ترقيءَ لاءِ جدوجهد ڪرڻ، سوچڻ، لوچڻ ۽ ڳالهائڻ جو درس ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.