لاهور (ويب ڊيسڪ) ناليواري اداڪاره ڪنول فاروق انڪشاف ڪيو آهي ته والدين سندس شادي طئي ڪئي هئي، پر هوءَ شادي کان هڪ رات اڳ گهران ڀڄي ويئي هئي.
ويجهڙ ۾ اداڪارا خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي، جنهن دوران هن فني ۽ ذاتي زندگي بابت تفصيلي ويچار ونڊيا.
پروگرام دوران ڪنول فاروق چيو ته ”مان سمجهان ٿي ته هڪ ماڻهو جيڪو به پروفيشن اختيار ڪرڻ چاهي ٿو، اهو ان فٽ ناهي ٿي سگهندو، ڇاڪاڻ ته اهو وقت سان تبديل ٿيندو رهي ٿو.“
هن چيو ته ”مون ڊيزائنر طور ڪيريئر شروع ڪيو ۽ پوءِ پنهنجو بوتيڪ به کوليو، بييوٽيشن طور ڪم ڪيو، سيلون کوليو، پر پوءِ هوءَ ماڊلنگ ۽ اداڪاري جي دنيا ۾ آئي.“
ڪنول فاروق انڪشاف ڪيو ته ”مان شادي کان هڪ رات اڳ گهران ڀڄي ويئي ويئي هئس، اها ڳالهه بلڪل سچ آهي.“
اداڪارا چيو ته ” گهروارن جو ضد هو ته شادي ڪريان، مون به والدين جو دل رکڻ لاءِ انڪار نه ڪيو ۽ سٺي شاپنگ وغيره ڪئي ۽ پوءِ جنهن ڏينهن شادي هئي، ان کان هڪ رات اڳ گهران ڀڄي ويس.“
جنهن تي ميزبان کائنس پڇيو ته ” شادي جا ڪارڊ وغيرا به ورهائجي ويا هوندا، ٻيون تياريون پڻ ٿي چڪيون هونديون؟“
جنهن تي ڪنول فاروق چيو ته ”منهنجا والدين به ٿورو سمجهي ويا هئا، کين منهنجي مزاج جو پتو هو، کين شڪ ٿي پيوانڪري هنن محدود ماڻهن کي دعوت ڏني هئي، شروع ۾ رڳو نڪاح جي تقريب رکي وئي هئي.
ميزبان سوال ڪيو ته والدين کي وقت تي ڇو نه ٻڌايو؟ جنهن تي اداڪارا جو جواب ڏنو ته ”هو خوش هئا ته مون چيو ته ڪجهه وقت لاءِ کين خوش رهڻ ڏجي.“