پاڪستان ۾ ڪيترن ڏينهن جو پيٽرول ۽ ڊيزل موجود آهي؟ حڪومت ٻڌائي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ پيٽروليم ذخيرن جي حوالي سان ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جو اهم بيان اچي ويو.
محمد اورنگزيب ناڻي بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ چيو ته ملڪ ۾ هن وقت 28 ڏينهن جو ڊيزل ۽ پيٽرول موجود آهي، مجموعي طور تي مارچ جي آخر تائين پيٽروليم ذخيرا موجود آهن.
هن چيو ته ملڪ ۾ تيل ۽ گيس جي ڪا کوٽ ناهي پر علائقائي ڇڪتاڻ جي امڪاني اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.
سندس چوڻ هو ته وزيراعظم پيٽروليم شين جي مانيٽرنگ لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي آهي، جيڪا روز جي بنياد تي ڪم ڪري رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.