اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ افغان طالبان خلاف جاري آپريشن غضب للحق جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا.
عطاءُ الله تارڙ موجب پاڪستان جي جوابي ڪارروائي ۾ 481 افغان طالبان مارجي ويا، جڏهن ته 696 کان وڌيڪ زخمي ٿيا.
هن ٻڌايو ته پاڪ فوج افغان طالبان رجيم جون 226 چيڪ پوسٽون تباهه ڪيون ۽ 35 تي قبضو ڪيو آهي، جڏهن ته افغان طالبان رجيم جون 198 ٽينڪون، هٿيار بردار گاڏيون ۽ آرٽلري گنز تباهه ڪيون ويون آهن.
سندس چوڻ هو ته افغانستان ۾ 56 هنڌن کي فضائي ڪارروائي ۾ اثرائتي طور نشانو بڻايو ويو.
آپريشن غضب للحق جاري، مارجي ويل افغان طالبان جو انگ 481 ٿي ويو، 6 سئو کان وڌيڪ زخمي
You might also like