پاڪستاني جهاز ۾ تيل ڀرڻ دوران سعودي ريفائنري تي ڊرون حملو

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي شهر راس تنورا ۾ آئل ريفائنري تي ڊرون حملو ڪيو ويو.
شپنگ ذريعن موجب پي اين ايس سي چارٽر جهاز جي تيل لوڊنگ دوران راس تنورا پورٽ تي ڊرون حملو ٿيو، پورٽ تي موجود پي اين ايس سي چارٽر جهاز تي هنگامي حالت لاڳو ڪئي وئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته حملي وقت پي اين ايس سي چارٽر جهاز تي پاڪستان لاءِ تيل لوڊ ڪيو پئي ويو، ڊرون حملي کانپوءِ پي اين ايس سي چارٽر جهاز تي تيل جي لوڊنگ معطل ڪئي وئي.
سعودي عرب جي بچاءَ واري وزارت جي ترجمان ٻڌايو ته آرامڪو جي راس تنورا اثاثن ويجهو ٻه ڊرون ڪيرايا ويا، راس تنورا تي حملي جي نتيجي ۾ ڪو شهري زخمي ناهي ٿيو، حملي کانپوءِ ڪرندڙ ملبي مان ريفائنري ۾ محدود نوعيت جي باهه ڀڙڪي پئي هئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب راس تنورا پورٽ سان جڙيل ريفائنري بند ڪئي وئي ۽ محدود باهه تي ضابطو آندو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.