تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي سرڪاري ميڊيا آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن ۾ بچاءَ واري وزير عزيز ناصر زاده ۽ فوج جي چيف آف اسٽاف عبدالرحيم موسوي جي شهادت جي تصديق ڪري ڇڏي.
ايراني اختيارين موجب حملن ۾ سپريم ليڊر علي خامنه اي، سندس سيڪيورٽي صلاحڪار علي شامخاني ۽ پاسداران انقلاب جو سربراهه محمد پاڪپور به نشانو بڻجي ويو.
سرڪاري ايجنسي جو چوڻ آهي ته هٿياربند فوج جا وڏي اعليٰ ڪمانڊر به انهن حملن ۾ مارجي ويا آهن، جن جا نالا پوءِ جاري ڪيا ويندا.
ايران پاران بچاءَ واري وزير، آرمي چيف، پاسدارانِ انقلاب سربراهه جي شهادت جي به تصديق
You might also like