اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ پهرين مارچ کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب، پهرين مارچ کان ايندڙ پندرنهن ڏينهن لاءِ پيٽرول 4 رپيا 55 پئسا في ليٽر مهانگو ٿي سگهي ٿو، ان کانسواءِ ڊيزل جي اگهه ۾ في ليٽر 4 رپيا 73 پئسا واڌ جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته گاسليٽ 6 رپيا 88 پئسا في ليٽر مهانگو ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته لائيٽ ڊيزل آئل جي قيمت ۾ 5 رپيا في ليٽر واڌ جو امڪان آهي.