نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي سوشل ميڊيا پليٽ فارم انسٽاگرام تي 10 ڪروڙ فالوئر حاصل ڪندڙ دنيا جو پهريون سياستدان بڻجي ويو.
ڀارتي ميڊيا موجب نريندر مودي 2014 ۾ انسٽاگرام جوائن ڪيو هو ۽ گذريل هڪ ڏهاڪي ۾ سندس اڪائونٽ دنيا جي سڀ کان وڌيڪ فالو ڪئي ويندڙ سياسي اڪائونٽن ۾ شامل ٿي ويو.
مودي ان پليٽ فارم تي سرڪاري سرگرميون، پرڏيهي دورن جون تصويرون، عوامي رابطا مهم جون جهلڪيون، ثقافتي ۽ ذاتي لمحا شيئر ڪندو رهندو آهي.
ڀارتي وزيراعظم جي فالوئرز جو انگ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کان ٻيڻو ٿي ويو آهي، جنهن جا تقريبن 4 ڪروڙ 32 لک فالوئر آهن.
You might also like