نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست جهارکنڊ جي ضلعي گڙهوا ۾ 25 ورهين جي نوجوان پنهنجي 23 ورهين جي محبوبا کي قتل ڪرڻ جا ٻه الڳ الڳ طريقا اختيار ڪيا پر ٻنهي ۾ ناڪام رهيو.
پوليس موجب واقعو گڙهوا ۾ پيش آيو، جتي جوابدار سڪيت ڪيشاري اڳ ۾ پنهنجي محبوبا کي گول ڪپن ۾ زهر ملائي کارايو، جنهن کانپوءِ هوءَ تڪليف محسوس ڪرڻ لڳي ۽ کيس وات مان رت آيو.
پوءِ جوابدار کيس ڊاڪٽر ڏانهن وٺي وڃڻ جو بهانو ڪري موٽر سائيڪل تي جهنگ ڏانهن وٺي ويو، جتي هن کيس گهٽو ڏئي مارڻ جي ڪوشش ڪئي، ان دوران مزاحمت تي ڇوڪريءَ کي ڌڪ لڳا ۽ هوءَ بيهوش ٿي وئي، جڏهن ته جوابدار فرار ٿي ويو.
خوش قسمتي سان ڇوڪري بچي وئي ۽ گهر واپس پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي، جنهن کانپوءِ هن گهر ڀاتين کي سڄو قصو ٻڌايو.
پوليس متاثر ناري جي شڪايت تي ڪيس داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪري عدالتي حراست ۾ موڪلي ڇڏيو.
پوليس موجب واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
جنهن کي الله رکي: نوجوان محبوبا کي قتل ڪرڻ جي ٻن ڪوششن ۾ ناڪام، پوليس جي پڪڙ ۾ اچي ويو
You might also like