مريدڪي (ويب ڊيسڪ) ويڳي ڀاءُ ملڪيت جي تڪرار تان ڳورهاري ڀيڻ کي قتل ڪري ڇڏيو.
مريدڪي ۾ پراڻي نارنگ روڊ تي ڳورهاري عورت کي مبينا طور سندس ويڳي ڀاءُ قتل ڪري ڇڏيو.
سٽي پوليس مقتولا جي مڙس جي فرياد تي 2 نامزد ۽ 2 اڻڄاتل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو.
فريادي قاسم دعويٰ ڪئي ته سندس گهرواري کي ويڳي ڀاءُ گهر جي تڪرار تي گهٽو ڏئي قتل ڪيو، جوابدار جو پنهنجي ويڳي ڀيڻ سان ملڪيت جو تڪرار هلي رهيو هو.
هن ٻڌايو ته گهرواري 4 مهينن جي حمل سان هئي ۽ جوابدارن نه رڳو کيس قتل ڪيو پر ان جا سونا زيور ۽ اڍائي لک رپيا روڪ به کڻي ويا.
You might also like