تصور ڪيو ته توهان جي آفيس ۾ هڪ ميز تي ڪروڙين نه پر اربين رپيا وڇايا وڃن ۽ چيو وڃي ته جيتري رقم کڻي ٿا سگهو کڻو ته پوءِ؟
يقين ڪرڻ ڏکيو هوندو پر چين ۾ هڪ ڪمپني جي مالڪ ان انوکي خيال کي حقيقت بڻايو.
ڪمپني جي مالڪ ملازمن ۾ 18 ڪروڙ يوآن (7 ارب پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) رقم ورهائي.
هينان ڪوانگ شان ڪرين ڪو لميٽيڊ ڪمپني کي 27 ڪروڙ يوآن جو منافعو ٿيو هو.
ان ڪمپني جي سالياني تقريب جي موقعي تي روڪ رقم بونس طور ورهايا وئي هئي.
ايونٽ جي موقعي تي 7 هزار جي لڳ ڀڳ ملازمن لاءِ 800 ميزون لڳايون ويون.
ڪمپني جي ڪجهه ملازمن کي اسٽيج تي گهرائي انعام ڏنا ويا، جڏهن ته ٻين کي چيو ويو ميزن تي موجود جيتري رقم کڻي سگهو ٿا کڻو.
ميزن تي نوٽن جا بنڊل موجود هئا ۽ ملازمن کي مخصوص وقت تائين رقم کڻڻ جو موقعو ڏنو ويو.
تقريب دوران ڪمپني جي مالڪ چوئي پي جون فنانس ڊپارٽمينٽ کي چيو ته اسان واشنگ مشينون ڇو ڏئي رهيا آهيون، ڇا توهان کي خبر ناهي ته سون ڪيترو مهانگو ٿي ويو آهي، روڪ رقم آندي وڃي ۽ هڪ هر کي وڌيڪ 20 هزار يوآن ڏنا وڃن.
اها ڪمپني سيپٽمبر 2022 ۾ تيار ڪئي وئي هئي ۽ ڪرينون تيار ڪرڻ کانسواءِ ٻيون شيون به تيار ڪندي آهي ۽ ان جو ڪاروبار 130 کان وڌيڪ ملڪن ۾ پکڙيل آهي.
چوئي پي جون ان کان اڳ 2024 ۾ ڪمپني جي ملازمن ۾ 17 ڪروڙ يوآن بونس طور ورهايا هئا.
مارچ 2025 ۾ عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ڪمپني 2 هزار عورت ملازمن ۾ 16 لک يوآن ورهايا هئا.
You might also like