وفاقي وزير سنڌ حڪومت خلاف سازشون پيا ڪن، قيادت وفاق کان جواب طلب ڪري: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته وفاقي وزير سنڌ حڪومت خلاف سازشون ڪري رهيا آهن، پ پ قيادت کي چوان ٿو ته ان تي وفاقي حڪومت کان جواب طلب ڪري.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ ۾ ترقياتي منصوبا جاري آهن ۽ هن وقت ميگا پراجيڪٽ ڪراچي ۾ ٺهي رهيا آهن، سنڌ جيڪي اسڪيمون آڻي رهيو آهي، اهي ڪراچي يا حيدرآباد نه سڄي پاڪستان لاءِ آهن.
هن چيو ته سڄي پاڪستان مان ماڻهو علاج لاءِ ڪراچي ايندا آهن، جگر جي پيوندڪاري لاءِ ماڻهو ملڪ کان ٻاهر ويندا هئا پر هاڻ سنڌ اچي رهيا آهن، اسان جو ٽارگيٽ آهي ته ڪو علاج لاءِ ملڪ کان ٻاهر نه وڃي.
سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائي آهي، سنڌ جا سمورا ضلعا ۽ هاءِ ويز محفوظ آهن، ڪراچي کي ٽارگيٽ ڪري سنڌ حڪومت تي تنقيد ڪئي ويندي آهي، مڃون ٿا مسئلا آهن پر ڪراچي جي آبادي جي ڀيٽ شهرن سان نه ملڪن سان ڪيو.
شرجيل ميمڻ چيو ته گورنر هائوس مان سنڌ حڪومت خلاف سازشون ٿي رهيون آهن، سياسي يتيمن جو اهو ئي ڪم بچيو آهي، پ پ قيادت کي چوان ٿو ته اها ان معاملي تي وفاقي حڪومت کان جواب طلب ڪري، وفاقي حڪومت هر وقت پ پ کان مدد گهرندي رهندي آهي، اسان وفاقي حڪومت کي سپورٽ ڪري رهيا آهيون اتحادي ناهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.