حڪومت جي هارين کان 3500 ۾ ورتل ڪڻڪ 4150 رپيا مڻ وڪڻڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو) حڪومت هارين کان سستي اگهه تي ورتل ڪڻڪ مهانگي اگهه تي 4150 رپيا في مڻ وڪرو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو. اقتصادي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ پاڪستان اسٽاڪ هولڊنگ ڪمپني جا 5 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ذخيرا وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏني   وئي. اجلاس ۾ درآمدي ڪڻڪ جو ريزرو اگهه 3800 رپيا في 40 ڪلو مقرر ڪيو ويو. ترقياتي منصوبن جا فنڊ منتقل ڪرڻ ۽ ٽيڪنيڪل گرانٽن جي منظوري به ڏني وئي، مالي ۽ زرعي شعبي ۾ شفاف ۽ اثرائتن انتظامن تي زور ڏنو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.