ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي ڪراچي جي امير منعم ظفر پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي ۽ ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب خلاف بي اعتمادي رٿ ۾ سهڪار طلب ڪيو.
ملاقات ۾ مرتضيٰ وهاب خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ تي اتفاق ڪيو ويو، حليم عادل شيخ جماعت اسلامي کي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي ۽ طئي ڪيو ويو ته بي اعتمادي رٿ جي ڪاميابي لاءِ جلد حڪمت عملي تيار ڪئي ويندي.
جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي گرفتاري جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته ان سان پ پ جي حڪومت خلاف خلاف عوامي نفرت وڌي آهي، سياسي جدوجهد کي ڏاڍ ذريعي گهڻو عرصو دٻائي نٿو سگهجي.
جماعت اسلامي جي پي ٽي آءِ سان ملاقات، مرتضيٰ وهاب خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ تي اتفاق
You might also like