تهران (ويب ڊيسڪ) ايران ۾ فوجي هيلي ڪاپٽر ڪِري تباهه ٿي ويو، جنهن ۾ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا.
ايران جي سرڪاري ٽي وي موجب اهو حادثو اصفهان صوبي جي علائقي درچا ۾ پيش آيو، جيڪو تخت گاهه تهران کان تقريبن 330 ڪلو ميٽر ڏکڻ پاسي ۾ آهي.
اختيارين ٻڌايو ته اهو حادثو فني خرابي سبب پيش آيو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
You might also like