هانيا عامر شهرت جي ڊوڙ ۾ سڀني کي پوئتي ڇڏي ڏنو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري اداڪارا هانيا عامر سوشل ميڊيا پليٽ فارم انسٽاگرام تي مقبوليت ۾ سڀني کي پوئتي ڇڏي ڏنو، هوءَ ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ فالو ڪئي ويندڙ اداڪارا بڻجي وئي آهي.
هانيا عامر جو انسٽاگرام تي فالوئرز جو انگ 19.7 ملين تائين پهچي ويو آهي، جنهن کانپوءِ هن سڀني پاڪستاني اداڪارائن کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي.
سوشل ميڊيا تي هانيا جي مقبوليت ۾ مسلسل واڌ ڏٺي پئي وڃي، مداح سندس تصويرون، وڊيوز ۽ پروفيشنل مصروفيتن کي تمام گهڻو پسند ڪندا آهن.
ان کان اڳ اهو اعزاز اداڪارا عائزا خان وٽ هو، جيڪا ڊگهي عرصي تائين انسٽاگرام تي پاڪستان جي سڀ کان وڌيڪ فالو ڪئي ويندڙ اداڪارا رهي پر موجوده انگن اکرن موجب عائزا خان جي فالوئرز جو انگ 14.8 ملين آهي ۽ هوءَ ان فهرست ۾ ٻئي نمبر تي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.