مشهور ٽيڪنالاجي ڪمپني گوگل پنهنجي اَي سيريز جو نئون سمارٽ فون ”گوگل پڪسل 10 اي“ متعارف ڪرائي ڇڏيو، جنهن جي شروعاتي قيمت 499 ڊالر (هڪ لک 39 هزار رپيا) رکي وئي آهي.
”سي نيٽ“ موجب 128 جي بي ماڊل 499 ڊالر، جڏهن ته 256 جي بي ورزن 599 ڊالرن ۾ دستياب هوندو.
ڪمپني جو چوڻ آهي ته جيڪي واهپيدار پري آرڊر پيج تي سائن اپ ڪري چڪا آهن، انهن کي ڊسڪائونٽ ڪوڊ به ڏنو پيو وڃي.
ڊيزائن جي لحاظ سان پڪسل 10 اي گذريل سال جي پڪسل 9 اي سان ملندڙ جلندڙ آهي پر ان ۾ بهتريون آنديون ويون آهن.
نئين فون ۾ 30 واٽ وائرڊ چارجنگ سپورٽ ڏني وئي آهي، جيڪا گذريل ماڊل جي ڀيٽ ۾ تيز آهي، ان کانسواءِ سيٽلائيٽ ايس او ايس ڪنيڪٽوٽي ۽ ڪوئيڪ شيئر فيچر به شامل ڪيو ويو آهي، جنهن ذريعي آءِ فون تي ايئر ڊراپ ذريعي تصويرون ۽ فائل موڪلي سگهجن ٿا.
ان فون ۾ 6.3 انچ ڊسپلي، ٽينسر جي 4 پروسيسر، 48 ميگا پڪسل مين ڪيمرا، 13 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ ڪيمرا، 13 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا ۽ 5000 هڪ سئو ايم اي ايڇ بيٽري ڏني وئي، ان کانسواءِ 30 واٽ وائرڊ ۽ 10 واٽ وائرليس چارجنگ سپورٽ به شامل آهي.
نئين لانچ ٿيندڙ فون 4 رنگن ۾ دستياب آهي، انهن ۾ اوبسيڊين، بيري، فوگ ۽ ليونڊر شامل آهن.
گهٽ قيمت برقرار رکڻ لاءِ ڪجهه سمجهوتا به ڪيا ويا آهن، فون ۾ 3 بدران 2 بيڪ ڪيمرائون ڏنيون ويون آهن ۽ ٻين پڪسل 10 فونز جي ابتڙ ان ۾ پڪسل سنيپ ميگنيٽس شامل ناهي، ميگنيٽڪ ايڪسيسريز استعمال ڪرڻ لاءِ ٿرڊ پارٽي ڪيس گهربل هوندو.
You might also like