” هنڊريڊ ليگ ۾پاڪستاني رانديگرن کي نظرانداز ڪرڻ جي غلطي نه ڪجو“ انگلش بورڊ فرنچائز کي خبردار ڪري ڇڏيو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ (اي سي بي) واضح ڪيو آهي ته جيڪڏهن مارچ ۾ ٿيندڙ دي هنڊرڊ 2026 نيلامي دوران پاڪستاني رانديگرن کي سندن قوميت جي بنياد تي نظر انداز ڪيو ويو ته لاڳاپيل فرنچائز خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڊگھي عرصي کان جاري سياسي ڇڪتاڻ سبب ٻئي ملڪ رڳو آءِ سي سي ايونٽس ۾ هڪ ٻئي خلاف کيڏندا آهن.
ويجهڙ ۾ آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ڪولمبو ۾ شيڊيول ميچ رڳو ان صورت ۾ ممڪن ٿي هئي جڏهن پاڪستان بائيڪاٽ واري ڌمڪي تان هٿ کڻي ويو هو.
ٻنهي ملڪن جي سياسي معاملن جي ڪري پاڪستاني ڪرڪيٽرن لاءِ انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل)، جيڪا دنيا جي سڀ کان منافعي بخش ٽي ٽوئنٽي ليگ آهي ۾ پهرئين ايڊيشن کانپوءِ در بند آهن.
هاڻي برطانوي ميڊيا پنهنجي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته ” آهن ته انگلينڊ جي دي هنڊريڊ ليگ ۾ به ڀارتي ملڪيت وارين فرنچائزز پاڪستاني رانديگرن کي پنهنجي اسڪواڊ جو حصو نه بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.“
ان ڏس ۾ انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان هيري بروڪ به معاملي تي آواز اُٿاريندي چيو هو ته” جيڪڏهن ڀارتي ملڪيت وارين فرنچائزز پاڪستاني رانديگرن کي انگلينڊ جي هنڊريڊ ليگ مان ٻاهر ڪنديون ته اِهو افسوسناڪ هوندو.“
ان کان اڳ انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ ڪامينٽيٽر مائيڪل وان انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ (اي سي بي) کان مطالبو ڪيو هو ته هو ترت اهڙين خبرن جي جاچ ڪري، جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته انگلينڊ جي دي هنڊريڊ ليگ ۾ ڀارتي ملڪيت رکندڙ فرنچائزز پاڪستاني رانديگرن کي نظرانداز ڪرڻ جو منصوبو تيار ڪري رهيون آهن.
هاڻي اي سي بي سمورن فرنچائز کي خط لکي ياد ڏياريو آهي ته هو امتيازي سلوڪ بابت پنهنجي ذميوارين تي ڌيان ڏين.
اي سي بي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اميد آهي ته سموريون اٺ ٽيمون ان ڳالهه جي عڪاسي ڪنديون ته دي هنڊرڊ سڄي دنيا جي رانديگرن لاءِ کليل ٽورنامينٽ آهي.
واضح رهي ته 11 ۽ 12 مارچ لنڊن ۾ شيڊيول نيلاميءَ لاءِ ڪل 67 پاڪستاني پليئرز (63 مرد ۽ 4 عورتون) پاڻ کي رجسٽرڊ ڪرايو آهي.
ياد رهي ته بي بي سي هڪ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو هو ته ايندڙ مهيني ۾ ٿيندڙ ”دي هنڊريڊ“ جي پليئرز آڪشن ۾ چار ڀارتي ملڪيت واريون فرنچائزز ڄاڻي واڻي پاڪستاني رانديگرن کي پِڪ نه ڪنديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.