اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي آئيني عدالت ۽ سپريم ڪورٽ جي اختيارن بابت اهم فيصلو جاري ڪيو ويو آهي، وفاقي آئيني عدالت جي جسٽس عامر فاروق اختيارن تي فيصلو سيلز ٽيڪس جي ڪيس ۾ لکيو.
فيصلي موجب 27هين آئيني ترميم کان اڳ قانون ۽ آئين جي تشريح جو اختيار سپريم ڪورٽ وٽ هو پر نئين آئيني ترميم تحت اهو اختيار آئيني عدالت کي منتقل ٿي ويو آهي.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته آئيني عدالت هاڻ قانون سازي جي آئيني حيثيت جو جائزو به وٺي سگهي ٿي ۽ ڪنهن به تشريحي ڪيس جو رڪارڊ طلب ڪرڻ جو اختيار پڻ رکي ٿي.
جسٽس عامر فاروق واضح ڪيو ته 27هين ترميم کانپوءِ سپريم ڪورٽ جا تشريح ۽ قانون سازي جي جائزي جا اختيار ختم ٿي ويا آهن.
”27هين ترميم کانپوءِ سپريم ڪورٽ جا آئيني تشريح، قانون سازي جي جائزي جا اختيار ختم ٿي ويا آهن“
Next Post
You might also like