ڊونلڊ ٽرمپ ايران بابت پلان اي ناڪام ٿيڻ جي صورت ۾ پلان بي تيار ڪري ورتو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي پلان اي يعني ايران تي محدود حملي جي ناڪامي جي صورت ۾ پلان بي تي عمل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.
نيويارڪ ٽائمز جي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته صدر ٽرمپ پلان بي تحت ايران جي موجودا حڪومت جي تبديلي جو حتمي فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن محدود حملن باوجود ايران نرمي نه ڏيکاري ته هڪ وسيع فوجي مهم شروع ڪري سگهجي ٿي، جنهن جو مقصد سڌي ريت ايراني سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جو ڪردار ۽ ايران جي موجودا حڪومت ۽ اعليٰ ترين سياسي نظام کي ختم ڪرڻ هوندو.
ان کان اڳ پلان اي تحت صدر ٽرمپ معاهدي لاءِ ايران تي محدود حملن ذريعي دٻاءُ وجهڻ جو اعلان ڪيو هو، پر جيڪڏهن ان سان گهربل نتيجا حاصل نه ٿيا ته هلندڙ سال جي آخر ۾ ايران ۾ حڪومت جي تبديلي لاءِ وڌيڪ وڏي پئماني تي فوجي ڪارروائي به ڪري سگهجي ٿي.
نيويارڪ ٽائمز موجب، ٽرمپ انتظاميا جي اندروني حلقن کان واقف ذريعن جو چوڻ آهي ته امڪاني شروعاتي حملو ايران کي ان جي جوهري پروگرام بابت آمريڪي مطالبا مڃائڻ تي مجبور ڪرڻ لاءِ ڪري سگهجي ٿو.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اهو حملو محدود نوعيت جو هوندو، جنهن ۾ پاسدارانِ انقلاب جا مرڪز، ايراني فوجي ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر،هم، بيلسٽڪ ميزائل ٿاڪن يا جوهري ڍانچن کي نشانو بڻائي سگهجي ٿو.
ياد رهي ته اها اڳڀرائي اهڙي وقت سامهون آئي آهي جڏهن آمريڪي ۽ ايراني نمائندن وچ ۾ ڳالهين جو هڪ ٻيو دور جنيوا ۾ خميس تي شروع ٿيڻ وارو آهي.
ان کان اڳ آمريڪا وچ اوڀر ۾ پنهنجي فوجين جي موجودگي ۾ تيزي سان واڌارو ڪري رهيو آهي، جنهن کي امڪاني حملي جي تياري قرار ڏنو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.