سيڪيورٽي فورسز جو پشين ۾ آپريشن، آپگهاتي بمبار سوڌو پنج خارجي مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سڪيورٽي فورسز بلوچستان جي علائقي پشين ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران آپگهاتي بمبار سميت فتنه الخوارج جا پنج دهشتگرد مارجي ويا.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، پشين ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن دوران آپگهاتي بمبار سميت پنج دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مارجي ويل خارجي ڪيئي دهشتگرد ڪارروائين ۾ ملوث هئا،سندن قبضي مان هٿيار ۽ باوردي مواد پڻ هٿ ڪيو ويو آهي.
آءِ ايس پي آر موجب، سڄي ملڪ دهشتگردي جي ناسور جي خاتمي لاءِ ڪارروائيون جاري آهن ۽ دهشتگردن خلاف بنا فرق ڪارروائيون جاري رهنديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.