ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا مومنا اقبال پنجاب جي صورتحال ڏسي وزيراعليٰ مريم نواز جي واکاڻ ڪئي آهي.
اداڪارا جي هڪ وڊيو ڪلپ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ هوءَ پنجاب جي واکاڻ ڪندي نظر اچي رهي آهي.
مومنا اقبال شو دوران چيو ته ”هن وقت ماشاءَالله پنجاب جي صورتحال گهڻي بهتر آهي.“
اداڪارا جي ڳالهه ٻڌي ميزبان چيو ته” پوءِ ڪراچي وارن لاءِ به ڪا اهڙي ڳالهه ڪريو، حڪمرانن کان ڪا اپيل ڪريو، اسان جي ته نه پيا ٻڌن، ٿي سگهي متان توهان جي ٻڌي وٺن.“
مومنا اقبال ميزبان جي ڳالهه جو جواب ڏيندي چيو ”مون ته چيو آهي ته ڪراچي واسين جو به ڪو آهي؟ اسان کي ٻڌايو، ڇو ته هاڻي مان گهڻو ڪري ڪراچي ۾ رهندي آهيان، تنهنڪري هي شهر به منهنجو ئي ٿيو، پوءِ هتي مون کي ڪجهه مسئلا پيش اچن ٿا.“
مومنا کلندي چيو ته ” هڪ مريم نواز هتي (ڪراچي) به اچڻ گهرجي.“