ڪراچي کي بااختيار شهري حڪومت جي ضرورت آهي: شبر زيدي

ڪراچي(عوامي آواز نيوز) اڳوڻي چيئرمين ايف بي آر شبر زيدي  چيو آهي ته ڍاڪا 2028ع تائين پنج ماس ٽرانزٽ سسٽم رکي وٺندو، جن مان ٽي زيرِ زمين هوندا. ڪراچي، جيڪا آبادي ۾ تقريباً ٻه ڀيرا وڏي آهي، وٽ هڪ به اهڙو نظام ناهي،هن چيو ته گذريل اٺن سالن ۾ ڪو به وزيراعظم ڪراچي ۾ رات ترسيو ناهي.پاڪستان جي معيشت مڪمل طور ڪراچي جي مستقبل تي دارومدار رکي ٿي.ڇا “قومي” ترجيح اها آهي؟2 هزار ارب رپيا خرچ ڪريو ۽ چار هزار ارب واپس حاصل ڪريو  فيصلو اسلام آباد کي ڪرڻو آهي،هڪ ٻي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته عمران خان، بلاول، آصفه ۽ مريم کي سمجهڻ گهرجي ته هي سال 2026 آهي، 1979 نه۔پاڪستان جي معيشت صحيح رخ تي ناهي۔جيڪو به حڪومت ڪندو، ايندڙ چونڊن تائين ملڪ ۾ 10 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ هوندا۔واحد حل اهو آهي ته  درآمد تي ٻڌل برآمدات  ڪراچي وسيلي وڌايون وڃن،هن وڌيڪ چيو ته ٻهراڙي ۽ شهري  سنڌ ۾ ڪو معاشي ٽڪراءُ ناهي، مان سختي سان سنڌ جي ورهاست جي مخالفت ڪريان ٿو،ڪراچي کي مڪمل اختياري سان ميٽروپوليٽن حڪومت جي ضرورت آهي۔ جيڪڏهن ڪراچي قومي آمدني ۾ 35٪ ڏئي ٿي، ته ان کي واپس 3000 ارب رپيا کان وڌيڪ ملڻ گهرجن۔ هي سادي رياضي آهي۔ اين ايف سي ۽ پي ايف سي سان مغالطو نه ڪريو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.