ڪراچي: رهائشي عمارت ۾ گيس ليڪيج ڌماڪو، هڪ ٻار فوت، 5 زخمي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي نارٿ ناظم آباد ۾ رهائشي عمارت ۾ گيس ليڪيج ڌماڪي سبب هڪ ٻار فوت ۽ ٻن عورتن سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ڌماڪي جي زوردار آواز سان ماڻهن ۾ خوف هراس پکڙجي ويو، فائر بريگيڊ جي ٻن گاڏين ۽ هڪ بائوزر باهه وسائڻ لاءِ آپريشن ڪيو.
ريسڪيو اختيارين موجب ڏهين ماڙ تي لڳل باهه تي ضابطو آندو ويو آهي، شروعاتي جاچ موجب ڌماڪو گيس سلينڊر سبب ٿيو، عمارت کي ڪليئر ڪرايو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.