افغانستان ۾ ڪيل ڪارروائي ۾ اٽڪل 70 دهشتگرد مارجي ويا آهن: طلال چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته افغانستان ۾ دهشتگردن خلاف پاڪستان جي جوابي ڪارروائين ۾ هيل تائين جي اطلاعن موجب اٽڪل 70 دهشتگرد مارجي ويا آهن.
نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي طلال چوڌري چيو ته پاڪستان هڪ ذميوار رياست آهي، جنهن سدائين ڪوشش ڪئي ته پاڙيسرين سان لاڳاپا بهتر هجن، افغانستان مان گهڻي عرصي کان دهشتگردي ايڪسپورٽ ٿي رهي آهي.
هن چيو ته پاڪستان پنهنجي ماڻهن جي تحفظ لاءِ ڪارروائي ڪري رهيو آهي، ڪارروائيون پاڪستان جي اندر به جاري آهن، افغانستان ۾ ڪيل ڪارروائي ۾ هيل تائين جي اطلاعن موجب 70 جي لڳ ڀڳ دهشتگرد مارجي ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.