اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) افغان طالبان طرفان دهشتگردي جي جواب ۾ پاڪستان افغانستان ۾ مختلف هنڌن تي دهشتگردن کي 7 ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو آهي.
سڌ سماءَ واري وزارت موجب پاڪستان ۾ تازن آپگهاتي حملن ۾ افغانستان ۾ موجود دهشتگرد قيادت ۽ انهن جا سهولتڪارن ملوث آهن، دهشتگردن اسلام آباد جي امام بارگاهه، باجوڙ ۽ بنون ۾ ڪارروائيون ڪيون، انهن حملن جي ذميواري افغانستان ۾ موجود پاڪستاني طالبان، فتنه الخوارج ۽ ان جي اتحادين قبول ڪئي.
بيان موجب پاڪستان وٽ پڪيون ثابتيون موجود آهن ته اهي دهشتگرد ڪارروائيون افغانستان ۾ موجود قيادت جي هدايت تي ڪيون ويون، پاڪستان ڪيترائي ڀيرا افغان طالبان حڪومت تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي سرزمين دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏين پر افغان عبوري حڪومت ناڪام رهي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان پنهنجي شهرين جي حفاظت يقيني بڻائڻ لاءِ جوابي ڪارروائيون ڪندي انٽيلجنس ڄاڻ جي بنياد تي دهشتگردن جي 7 ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو.
سڌ سماءَ واري وزارت موجب پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام جو خواهشمند آهي پر پاڪستاني عوام جي سلامتي پهرين ترجيح آهي.
You might also like