ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ ايم ڪيو ايم اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس تي وفاقي حڪومت کان وضاحت جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
شرجيل ميمڻ چيو ته خالد مقبول ۽ ٻين جي پريس ڪانفرنس انهن جي گهٽ علمي ۽ آئين کان اڻ واقفيت جي واضح علامت آهي، افسوس جي ڳالهه آهي ته انهن آئين ۽ قانون جو سنجيده مطالعو ناهي ڪيو نه ته اهڙي نوعيت جا غير ذميواراڻا بيان نه ڏين ها.
هن چيو ته خالد مقبول صديقي وفاقي وزير آهي ۽ اهڙن بيانن سان سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا اها وفاقي حڪومت جي پاليسي آهي، اميد ته وفاقي حڪومت وضاحت ڪندي ته وفاقي وزير ۽ اتحادي جماعت مسلسل سنڌ حڪومت خلاف سازش ۾ ڇو مصروف آهي.
سندس چوڻ هو ته گورنر هائوس آئيني عهدي جي علامت آهي ۽ ان کي سياسي ڇڪتاڻ يا صوبائي حڪومت خلاف سرگرمين جو مرڪز نه بڻجڻ گهرجي، وفاقي حڪومت ان معاملي تي فوري طور وضاحت ڪري.
شرجيل ميمڻ چيو ته ملڪ اڳ ئي سياسي ۽ معاشي چيلينجن مان گذري رهيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ وفاق ۽ صوبن وچ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ڪرڻ دانشمندي ناهي.
شرجيل ميمڻ ايم ڪيو ايم اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس تي وفاقي حڪومت کان وضاحت گهري ورتي
You might also like