اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ عدالتي فيصلي تي عمل ڪرائڻ لاءِ سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جو سنڌ هاءِ ڪورٽ جو حڪم غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو.
جسٽس منيب اختر 3 صفحن تي ٻڌل لکت فيصلو جاري ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سڃاڻپ ڪارڊ ڪو لگزري نه پر عام زندگي گذارڻ لاءِ بنيادي ضرورت آهي، ڇا سڀاڻي عدالتون رقم جي واپسي لاءِ بجلي ۽ پاڻي جي ڪنيڪشن ڪاٽڻ جو به حڪم ڏينديون؟
سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ لکيو ويو آهي ته ڪنهن شهري کي سڃاڻپ ڪارڊ کان محروم ڪرڻ زندگي جو بنيادي حق کسڻ برابر آهي، ديواني ضابطي جي سيڪشن 51 تحت سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جي ڪا گنجائش موجود ناهي.
عدالتي فيصلي موجب پشاور هاءِ ڪورٽ جي سي پي سي ۾ ڪيل ترميم سنڌ صوبي تي لاڳو نٿي ٿئي، قانون ۾ واضح حڪم بنا ڪا به عدالت ڪنهن جو سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ نٿي ڪري سگهي.
واضح رهي ته 2016 ۾ ٽرائل ڪورٽ درخواستگذار خلاف رقم جي ادائيگي جي ڊگري جاري ڪئي، رقم جي عدم ادائيگي تي ٽرائل ڪورٽ درخواستگذار جو سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ٽرائل ڪورٽ جي فيصلي کي برقرار رکيو هو.
عدالتي فيصلي تي عملدرآمد لاءِ سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جو سنڌ هاءِ ڪورٽ جو حڪم غير قانوني قرار
You might also like