ايم ڪيو ايم، ق ليگ ۽ بي اي پي جو دهشتگردي خلاف سيڪيورٽي فورسز جي مڪمل حمايت جو اعلان

اسلام آباد)ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان، مسلم ليگ (ق) ۽ بلوچستان عوامي پارٽي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان ملاقات ۾ ق ليگ جي اڳواڻ چوڌري سالڪ حسين، ايم ڪيو ايم جي خالد مقبول صديقي ۽ بي اي پي جي خالد مگسي فيلڊ مارشل عاصم منير جي امن جي بحالي لاءِ ڪوششن کي ساراهيو ۽ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ هلڻ جي عزم جو ورجايو.
سياسي اڳواڻن فتنه الخوارج خلاف ڪارروائين ۾ شهادت ماڻيندڙ جوانن کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته شهيدن جي خاندانن سان گڏ آهيون ۽ سدائين گڏ رهنداسين.
ان موقعي تي گهرو وزير محسن نقوي ٽنهي پارٽين جي اڳواڻن کي خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان جي صورتحال ۽ امن امان جي بحالي لاءِ کنيل قدمن بابت آگاهه ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.