راولپنڊي)ويب ڊيسڪ) بنون ۾ سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي فتنه الخوارج جي حملي ۾ پاڪ فوج جو ليفٽيننٽ ڪرنل ۽ هڪ سپاهي شهيد ٿي ويا.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، سيڪيورٽي فورسز کي آپگهاتي بمبار جي گاڏي جو اطلاع مليو هو ۽ ڳجهي اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز علائقي ۾ آپريشن ڪري رهيون هيون.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته بنون ۾ آپريشن دوران خارجين جو پتو لڳي ويو، هڪ گاڏي ۾ سوار آپگهاتي بمبار کي اڳئين دستي وقت سر روڪي ورتو جنهن تي خارجين مايوسي ۾ بارود سان ڀريل گاڏي اڳئين دستي جي هڪ گاڏي سان ٽڪرائي، جنهن جي نتيجي ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل شهزادا گلفراز ۽ سپاهي ڪرمت شاهه شهيد ٿي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب، ان دوران فورسز جي آپريشن ۾ 5 خارجي به مارجي ويا ۽ سيڪيورٽي فورسز جي وقتائتي ڪارروائي سان بنون کي هڪ وڏي سانحي کان بچائي ورتو ويو، دهشتگردن جا بنون شهر ۾ معصوم شهرين ۽ اهلڪارن کي نشانو بڻائڻ جا ناپاڪ ارادن ناڪام بڻايا ويا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مقدس مهيني ۾ به خارجين جون افغانستان کان پاڪستان ۾ دهشتگردسرگرميون جاري آهن.
آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو ته طالبان حڪومت افغان سرزمين کي پاڪستان خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ کان روڪڻ ۾ ناڪام رهي آهي.
آءِ ايس پي آر موجب، پاڪستان خارجين خلاف بنا فرق جي ڪارروائيون جاري رکندو، سيڪيورٽي فورسز جي ’عزمِ استحڪام‘ تحت دهشتگردي جي خاتمي واري مهم پوري قوت سان جاري رهندي، بهادر سپاهين جون اهڙيون قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.