پ پ هڪ ڀيرو ٻيهر گورنر سنڌ کي هٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي هڪ ڀيرو ٻيهر گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري کي عهدي تان هٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته گورنر هائوس ڪراچي جو استعمال ٿي رهيو آهي، جيڪو رڳو سنڌ لاءِ نه پر وفاق لاءِ به خطرناڪ آهي. هن چيو ته گورنر هائوس ۾ ويهي ڪجهه وفاقي وزيرن ماڻهن کي ورغلائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ لساني سياست جي ٻيهر ڪرکڻ تي ڳڻتي آهي.
سعيد غني چيو ته وزيراعظم شهباز شريف واعدي موجب پنهنجو يا اسان جو گورنر لڳائي.
ٻئي پاسي، سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته گورنر هائوس ۽ آئيني ادارا تعصب واريون تقريرن لاءِ ناهن ٺهيا، ڪراچي اڳ ئي اهڙو ماحول ڏسي چڪو آهي، وڌيڪ برادشت نٿو ڪري سگهي.
هن چيو ته گورنر هائوس ۾ جيڪا تقريب ٿي، ان ۾ تعصب جي انتها هئي، سنڌ هڪ هئي، آهي ۽ رهندي.
شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته نفرت جوڳيون ڳالهيون ۽ تعصب واري سياست ڪندڙن جو حشر ڏسي وٺو، ايم ڪيو ايم جو هڪ ميمبر چئي ٿو ته اسان کي ايم ڪيو ايم جي ٻئي ميمبر مان خطرو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.