ڪولڪتا (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي 37 هين ميچ ۾ ويسٽ انڊيز اٽلي کي 42 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
ڪولڪتا جي تاريخي ايڊن گارڊنز ۾ کيڏيل ميچ ۾ اٽلي ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو جيڪو غلط ثابت ٿيو.
ويسٽ انڊيز پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪٽن جي نقصان تي 165 رنسون ٺاهيون، ڪپتان شاءِ هوپ 75 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو، جڏهن ته روسٽن چيئز ۽ ردرفورڊ 24، 24 رنسن جي اننگز کيڏي.
اٽلي جي پاسي کان بين منناٽي، ڪرشن ۽ ڪلو گاماگي 2، 2 وڪيٽون ورتيون.
ويسٽ انڊيز جي 166 رنسن جي جواب ۾ اٽلي جي ٽيم 18هين اوور دوران 123 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.
ويسٽ انڊيز طرفان شيمار جوزف 4، ميٿيو فورڊي 3 ۽ گُرڪيش موتئي 2 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته شاءِ هوپ کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.