معيشت تي ڪجهه خاندان قابض،عوام تي مهانگائي ۽ غيريقيني مستقبل جو بار؟

ڪراچي(اڪمل سومرو)پاڪستان جي سڀ کان وڏين 100 ڪمپنين ۾ 880 بورڊ جا عهدا موجود آهن، جن مان لڳ ڀڳ 756 عهدا صرف 31 خاندانن، انهن جا مائٽ يا ويجها ساٿي ڀرين ٿا. مطلب ته ڪمپنين جا فيصلا آزاد ۽ شفاف نه ٿيندا، پر هڪ محدود دائري اندر ڪيا ويندا آهن،اڳوڻي زيراعظم عمران خان جي حڪومت پڻ سرمائيدار طبقن کي سهولت ڏيڻ لاءِ ٽي ڀيرا ٽيڪسايمنسٽي اسڪيمون متعارف ڪرايون، جن ذريعي ڪاري پئسي کي صاف ڪرڻ جو موقعو مليو، جنهن مان بااثر طبقي کي گهڻو فائدو ٿيو،ان کان اڳ به نواز شريف جي دور ۾ اهڙيون اسڪيمون جاري ڪيون ويون هيون.عام ماڻهو جڏهن مهانگائي، بيروزگاري ۽ ٽيڪسن جي دٻاءَ ۾ مبتلا هوندو آهي، ته ساڳئي وقت بااثر خاندان ۽ وڏيون ڪمپنيون اربين جي قرضن، ٽيڪس رعايت ۽ پاليسي سهولتن حاصل ڪنديون آهن.پاڪستان ۾ اهڙو ڪارپوريٽ ڍانچو ٺهيل آهي، جتي وڏن سرمايه دار خاندانن ڪمپنين جا بورڊ پنهنجن مائٽن ۽ ويجهن ماڻهن سان ڀري ڇڏيا آهن. اهڙيءَ طرح ڪمپنين جا فيصلا آزاد ۽ شفاف نه رهندا، پر هڪ طاقتور ايلِيٽ ڪلچر جو وجود پيدا ٿي ويو آهي، جيڪو اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ رجسٽرڊ ڪمپنين ذريعي پنهنجي اثر رسوخ قائم ڪري ٿو،هي ايليٽ ڪيپچر صرف سرمايه داري تي مشتمل نه آهي، پر بيوروڪريسي جا بااثر ماڻهو ۽ ريٽائرڊ جرنيَل به بورڊ ۾ شامل ٿين ٿا، جنهن سان سرمايو، رياستي طاقت ۽ انتظامي اختيار هڪ ٽڪنڊ جي صورت ۾ جڙجي وڃي ٿو. نتيجو اهو نڪري ٿو ته معيشيت جا اهم فيصلا چند هٿن ۾ ٿي وڃن ٿا.پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڊولپمينٽ اڪنامڪس جي رپورٽ موجب پاڪستان جي اسٽاڪ مارڪيٽ تي صرف 31 اشرافيه جي  خاندانن جو مضبوط ڪنٽرول آهي. اهي خاندان عالمي ڪمپنين سان پڻ شراڪت ۾ ڪم ڪندا آهن، جنهن سان سرمائي ۽ مارڪيٽ جي رخن تي انهن جو قبضو رهي ٿو.انهن 31 بااثر خاندانن ۾ دائود، سهگل، منشا، حبيب، ترين، حسن مجيد، مختار، احمد خان، صديقي، شيرازي ۽ سيد جهڙا نالا شامل آهن. وڏيون ڪمپنيون جهڙوڪ نيسلي پاڪستان، اينگرو ڪارپوريشن، برٽش آمريڪن ٽوبيڪو، فوجي فائونڊيشن، فلپ مورس انٽرنيشنل اليڪٽرڪ، گليڪسو، ڪلين، يونائيٽڊ بينڪ لميٽيڊ، ايم سي بي بينڪ، ميزان بينڪ، آئل اينڊ گيس ڊولپمينٽ ڪمپنيون، لڪي سيمينٽ ۽ سسٽمز لميٽيڊ نمايان آهن.اصل سوال اهو آهي ته جڏهن ڪمپنين جا بورڊ، سرمايو ۽ رياستي اثر رسوخ هڪ ئي دائري ۾ محدود آهن، ته ڇا معيشت واقعي آزاد ۽ مسابقتي رهي ٿي؟ يا صرف چند خاندانن جي مفادن جي چوڌاري هلندي آهي؟اڪثر وقت اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ قيمتن جو لاهو چاڙهو زميني معيشيت جي مڪمل عڪاسي نه ڪندو، ڇو ته ڪمپنين جي منافعي ۽ پيداوار ۾ فرق وڏو هوندو آهي. بلو چپس ڪمپنيون، جيڪي مارڪيٽ ۾ محفوظ سيڙپڪاري سمجهيون وڃن ٿيون، انهن جي شيئرز جو قيمتون تيزي سان وڌن ٿيون، جهڙوڪ يوني ليور پاڪستان ۽ نيسلي پاڪستان جي شيئرز جي اگهن ۾  ٽن سالن ۾ وڏي واڌ ڏٺي آهي.اهي ڪمپنيون صرف خوراڪ يا شين تائين محدود نه آهن، پر اشتهارن جي ذريعي ميڊيا تي پڻ اثر رکن ٿيون جنهن سبب ميڊيا انهن جي مفادن جي خلاف رپورٽنگ ۾ محتاط رهي ٿوڪورونا وبا دوران به انهن ڪمپنين جو منافعو اربين ۾ وڌيو، جيڪو ڏيکاري ٿو ته بحران به ڪجھ ڪارپوريٽ ادارن لاءِ موقعو بڻجي ٿو.بلو چپس ڪمپنين جا شعبا گهڻو ڪري پنج شعبي ۾ محدود آهن: ٽيڪنالاجي ۽ ڪميونيڪيشن، شوگر انڊسٽري، بينڪنگ، ٽرانسپورٽ ۽ ريئل اسٽيٽ. اصل سوال اهو آهي ته ڇا اهي شعبا ملڪ ۾ حقيقي ترقي ۽ پيداوار کي فروغ ڏئي رهيا آهن، يا صرف مالي ۽ واپاري سرگرمين تائين محدود آهن؟نتيجو اهو آهي ته جيڪڏهن صرف اسٽاڪ مارڪيٽ جي چمڪ کي معيشيت سمجهيو وڃي، ته غلط فهمي پيدا ٿئي ٿي. اصل سوال اهو آهي ته سرمايو ڪٿي لڳي رهيو آهي؟ ڇا اها پيداوار، تحقيق ۽ ٽيڪنالاجي ڏانهن وڃي رهي آهي يا صرف مالي منافع ۽ جائيداد جي قيمتن تي منحصر آهي؟غير پيداوار واري معاشي ڍانچي ۾ صرف سرمائيدار طبقو نه پر رياستي ادارا به ڪردار ادا ڪن ٿا. سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان ڪمپنين جي رجسٽريشن ۽ نگراني کي شفاف بنائڻ لاءِ ڪم ڪري ٿي، پر اڃا ڪيترائي مسئلا موجود آهن.پاڪستان جي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 525 رجسٽرڊ ڪمپنين جي مجموعي مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن 64 ارب ڊالر آهي، پر ان مان لڳ ڀڳ 50 ارب صرف ڪجهه  خاندانن وٽ آهن،اهڙي طرح سڄي اقتصادي نظام تي ڪجهه خاندانن جو قبضو آهي، جڏهن ته عام ماڻهو مهانگائي، قرض ۽ غير يقيني مستقبل جو بار کڻي رهيو آهي.جيڪڏهن اسان واقعي معيشيت کي مضبوط ۽ وسيع بنيادن تي قائم ڪرڻ چاهيون ٿا، ته صرف قرض ۽ اسٽاڪ مارڪيٽ جي پوائنٽن تي ڀاڙڻ ڪافي نه آهي. ضروري آهي ته ڪمپني قانونن، اسٽاڪ ايڪسچينج جي ضابطن ۽ سيڪيورٽي ڪميشن جي ضابطن ۾ شفافيت آندي وڃي، پيداوار، ٽيڪنالاجي ۽ وسيع روزگار تي ڌيان ڏنو وڃي، نه ته طاقت ۽ دولت جو ارتڪاز برقرار رهندو.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، خميس 19 فيبروري 2026ع  تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.