ڪينسر جي مريضن لاءِ جعلي دوا ٺاهيندڙ فيڪٽري تي ڇاپو، وڏي کيپ هٿ

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ڪينسر جي مريضن لاءِ جعلي دوا ٺاهيندڙ فيڪٽري تي ڇاپي دوران دوائن جي وڏي کيپ هٿ ڪئي وئي، احسن آباد ۾ فيڪٽري تي ڪارروائي دوران جعلي ۽ غير رجسٽرڊ دوائون ضبط ڪيون ويون، ذريعن موجب ايف آءِ اي جي اينٽي ڪرپشن سرڪل ٽيم احسن آباد ۾ ڪارروائي ڪندي جعلي ۽ غير رجسٽرڊ دوائون ٺاهيندڙ فيڪٽري تي ڇاپو هنيو، جتان ڪينسر جي مريضن لاءِ تجويز ڪيل سور گهٽائيندڙ دوا جو وڏو مقدار تحويل ۾ ورتو ويو، ذريعن موجب فيڪٽري ۾ تيار ٿيندڙ دوا جي قانوني ڊوز وڌ ۾ وڌ 50 ملي گرام هئڻ گهرجي، پر فيڪٽري ۾ 225 ملي گرام ڊوز تيار ڪيو پئي ويو، جيڪو انتهائي خطرناڪ آهي ۽ ڪجهه صورتن ۾ حياتي کسيندڙ به ثابت ٿي سگهي ٿي، جاچ دوران معلوم ٿيو آهي ته اها دوا پاڪستان کان سواءِ ٻين ملڪن ڏانهن به غير قانوني ذريعن وسيلي فراهم ڪئي ويندي رهي آهي، ايف آءِ اي جي ڪارروائي دوران مارڪيٽن ڏانهن موڪلجڻ واري هڪ کيپ کي به روڪيو ويو، ذريعن موجب غير قانوني جعلي دوائون، خام مال ۽ قبضي ۾ ورتل مشينري جي ماليت ڪروڙين رپين ۾ آهي، ڪارروائي دوران ڪيترين ئي گرفتارين جو عمل به مڪمل ڪيو ويو، جڏهن ته وڌيڪ گرفتارين جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.