ملڪ ۾ جتي سياري جي پڇاڙي هلي رهي آهي ۽ موسمي حوالي سان اڃا سيءُ جا ٿڌا جهونڪا محسوس ڪيا پيا وڃن، ساڳي وقت اتي تازين برساتن مرڳو ڌرتيءَ کي ته ٺاري ڇڏيو آهي، پر ٻئي پاسي ملڪي سياسي وايومنڊل کي جيڪڏھن ڏسنداسين اھا گذريل ڪجهه ڏينهن کان غيرمعمولي طور گرم لڳي پئي آھي نتيجي طور قومي سياست هن وقت هڪ اهڙي موڙ تي بيٺل آهي، جتي بيانن جي تيزي، الزامن جي گرمي ۽ ادارن جي وضاحتن جي وٺو وٺ جي وچ ۾ سچائي، سياسي بلوغت ۽ قومي مفاد جا سوال وڌيڪ نمايان ٿي رهيا آهن.
ان ڇڪتاڻ جو مرڪزي محور باني پي ٽي آءِ عمران خان جي صحت بابت پيدا ٿيل تڪرار ۽ خدشا آھن جنھن تي هڪ طرف پاڪستان تحريڪ انصاف جي قيادت ڳڻتي ظاهر ڪندي علاج ۾ رڪاوٽن ۽ شفافيت جي کوٽ جو الزام هڻي رهي آهي، ته ٻئي پاسي وفاقي حڪومتي وزير دعويٰ ڪن ٿا ته جيل ضابطن مطابق سڀ سهولتون کيس مهيا ڪيون پيون وڃن.ان دوران وهاڙي ۾ عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي. صدر آصف علي زرداري واضح لفظن ۾ چيو آھي ته حڪمراني جذباتي نعريبازي سان نه پر لچڪ، برداشت ۽ سياسي دانائي سان هلي ٿي. هن جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جي چار سالن واري حڪومت اصل ۾ فيض حميد هلائي پئي، جنهن کي رياستي ۽ سياسي نظام جي پيچيدگين جو ادراڪ نه هو ماضي جي پنھنجي جيل ڪاٽڻ کي ياد ڏياريندي صدر زرداري چيو ته ھن 14 سالن جي قيد ڪاٽيو آھي تڪليفون سٺيون ھن چيو ته سياست ۾ سختيون برداشت ڪرڻ ئي اصل امتحان آهي، جيل مڙسن لاءِ هوندا آهن، نعريبازن لاءِ نه . هن شهباز شريف ۽ مريم نواز سان گڏ هلڻ جي ارادي جو اظهار ڪندي سياسي استحڪام کي وقت جي اهم ضرورت قرار ڏنو. ساڳي وقت سنڌ جي تاريخي ڪردار تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان جي بقا ۾ سنڌ اڳيان رهي آهي ۽ پاڻيءَ جي معاملي تي پنجاب کي درياهه راوي مان پنهنجو حصو ڪڍي وسيلن جي مؤثر استعمال ڏانهن ڌيان ڏيڻ گهرجي.
ٻئي طرف عمران خان جي صحت بابت تڪرار سياسي بيانيي جو مرڪزي نقطو بڻجي ويو آهي. پي ٽي آءِ قيادت، بشمول بيرسٽر گوهر علي خان ۽ سلمان اڪرم راجا، اڊيالا جيل پهچي ذاتي ڊاڪٽرن ۽ خاندان کي رسائي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو. سندن موقف هو ته سرڪاري طبي رپورٽن جي تصديق لاءِ خان جي ذاتي معالج کي معائني جي اجازت ڏني وڃي ۽ جيڪڏهن ضرورت هجي ته کيس اسپتال منتقل ڪيو وڃي. سندس ڀينرون عليمه خان ۽ نورين نيازي به پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته جيڪڏهن سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي ته پوءِ ملاقاتن کان ڇو روڪيو پيو وڃي؟ هنن دعويٰ ڪئي ته اکين جي تڪليف بابت عمران خان پاڻ آواز اٿاري رهيو آهي ۽ ان معاملي کي سنجيدگي سان ڏٺو وڃي.
ان جي ابتڙ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته بيماريءَ کي سياسي رنگ ڏنو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته حڪومت اکين جي ماهرن جا نالا گهريا، معائني جي آڇ ڪئي ۽ بهترين سهولتون مهيا ڪيون ويون، پر ڪجهـ حلقا معاملي کي سياسي طور ڪيش ڪرائڻ چاهين ٿا. هن خبردار ڪيو ته اسلام آباد تي چڙهائي يا ريڊ زون ۾ بدامني برداشت نه ڪئي ويندي. سڌ سماءَ واري وزير عطا تارڙ به چيو آھي ته نه ڪا ڊيل آهي نه ڍيل، طبي ضرورتون قانون مطابق پوريون ڪيون پيون وڃن ۽ صحت جي معاملي تي سياست کان پاسو ڪيو وڃي.عمران خان کي مليل سھولتن بابت سپريٽنڊنٽ اڊيالا جيل طرفان سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل رپورٽ موجب عمران خان کي ست سيلن تي ٻڌل ڪمپائونڊ ۾ رکيو ويو آهي، جتي 57 فوٽ ڊگهي ۽ 14 فوٽ ويڪري راهداري ۽ 37 باءِ 35 جو لان موجود آهي. رپورٽ مطابق کيس نيرن ۾ خارڪون، اخروٽ، ماکي، ڪافي ۽ جوس، جڏهن ته منجهند ۽ شام جو پڻ مقرر غذائي شيون ڏنيون وڃن ٿيون. هو لان ۾ ويهي ڪتابون ۽ اخبارون پڙهي ٿو ۽ اُس به وٺي ٿو. رپورٽ ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته بنيادي حقن جي فراهمي ۾ ڪا ڪوتاهي نه ڪئي وئي آهي. بهرحال، اصل سوال رڳو سهولتن جو نه ، پر اعتماد جو آهي ۽ اعتماد تڏهن بحال ٿيندو جڏهن شفافيت بنا ڪنهن شڪ جي صاف نظر ايندو هجي.
ان دوران پارليامينٽ هائوس ۾ اپوزيشن جو ڌرڻو پنجين ڏينهن ۾ داخل ٿي چڪو آهي. اجلاس ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻن آئينده لائحه عمل تي صلاح مشورا ڪيا، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته سياسي ڇڪتاڻ گهٽجڻ بدران وڌي رهي آهي. پي ٽي آءِ قيادت طرفان علي امين گنڊاپور جي بيانن جو نوٽيس وٺڻ به اندروني نظم ۽ ضبط قائم ڪرڻ جي ڪوشش طور ڏٺو پيو وڃي. مجموعي طور تي ملڪ جي سياسي تصوير ٻٽي رخ اختيار ڪري چڪي آهي. هڪ پاسي مفاهمت، برداشت ۽ سياسي بلوغت جو درس ڏنو پيو وڃي، ته ٻئي پاسي صحت، ملاقاتن ۽ احتجاجن جي سياست زور وٺي رهي آهي. سوال اهو آهي ته ڇا اسان سياسي اختلافن کي ادارتي شفافيت، قانون جي بالادستي ۽ باهمي احترام سان حل ڪرڻ لاءِ تيار آهيون؟
قوم کي دراصل اهڙي قيادت گهرجي جيڪا تڪرارن کي شخصي انا کان مٿانهون رکي، ادارن کي تڪراري بڻائڻ بدران مضبوط ڪري ۽ جمهوريت کي جذباتي نعريبازي بدران فڪري پختگي سان اڳتي وڌائي. جيل هجي يا جلسو، حڪومت هجي يا اپوزيشن اصل ڪاميابي ان ۾ آهي ته رياست مضبوط رهي، جمهوريت بالغ ٿئي ۽ عوام جو اعتماد بحال رهي. ڇو ته جڏهن اعتماد ٽٽي ٿو ته صرف حڪومتون نه ، پر قومي ادارا به ڪمزور ٿين ٿا ۽ جڏهن اعتماد بحال ٿئي ٿو ته اختلاف به طاقت بڻجي ويندا آهن.
اڄ جي سياسي موسم ۾ ضرورت ان ڳالهھ جي آهي ته سياست رڳو گرم بيانن جي حد تائين ھجي پر سياسي بصيرت به هجي، مقابلو الزام تراشيءَ جو نه ھجي ، پر ڪارڪردگيءَ جو هجي ۽ تيئن سياست جو محور فرد نه ، پر پاڪستان جو مستقبل هجي.