ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سُپر ايٽ مرحلي کان اڳ سريلنڪا کي وڏو جهٽڪو لڳي ويو، اهم فاسٽ بالر مٿيشا پٿيرانا انجري سبب ميگا ايونٽ مان ٻاهر ٿي ويو آهي.
آسٽريليا خلاف گروپ ميچ ۾ بالنگ ڪندي زخمي ٿيندڙ پٿيرانا جي معائني کانپوءِ پتو پيو آهي ته کيس انجري مان ڇوٽڪارو ماڻڻ ۾ ڪيئي هفتا گهربل آهن.
فاسٽ بالر جي جاءِ تي ميگا ايونٽ لاءِ دلشان مڌوشنڪا کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
دلشان مڌوشنڪا پنهنجي آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ جولاءِ 2024ع ۾ کيڏي هئي، هن 15 ميچن ۾ 15 وڪيٽون ورتيون آهن.
سريلنڪا جي ايندڙ ميچ 19 خميس ڏينهن زمبابوي خلاف کيڏي ويندي، واضح رهي ته ٻئي ٽيمون سُپر ايٽ مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري چڪيون آهن.