ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت پسنديده موٽر رجسٽريشن نمبر فيس 20 لک رپين تائين مقرر ڪري ڇڏي.
صوبائي ايڪسائز اينڊ ٽيڪسيشن ڊپارٽمينٽ طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب گاڏي مالڪ جيڪي پسنديده موٽر رجسٽريشن نمبر حاصل ڪرڻ چاهين ٿا، اهي منظور ٿيل رقم ڏئي حاصل ڪري سگهن ٿا، جنهن جي حد 20 لک رپين تائين آهي.
جيڪا رقم وصول ڪرڻ طئي ٿيو آهي، ان موجب 786 ۽ 110 رجسٽريشن نمبر حاصل ڪندڙن کي 20 لک ادا ڪرڻا پوندا.
ٽن انگن وارن 111 کان 999 رجسٽريشن نمبرن جي 9 پليٽن جي فيس 10 لک رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.
اهڙي ريت ٽن عددن وارين 100 کان 900 جي 9 نمبر پليٽن جي فيس 5 لک رپيا وصول ڪئي ويندي ۽ 001 کان 009 جون 9 نمبر پليٽون حاصل ڪندڙن کي به 5 لک رپيا ادا ڪرڻا پوندا.
ان کانسواءِ باقي چوائس نمبر حاصل ڪرڻ لاءِ 3 لک رپيا ادا ڪرڻا پوندا.
Prev Post
You might also like