بابر اعظم عظيم مان عام رانديگر بڻجندو پيو وڃي: هرشا ڀوگلي

ويب ڊيسڪ) جڳ مشهور ڀارتي ڪامينٽيٽر ۽ تجزئي نگار هرشا ڀوگلي چيو آهي ته بابر اعظم ۽ شاهين شاهه آفريدي جهڙن عظيم رانديگرن جي ڪارڪردگي خراب ٿيڻ تي پاڪستاني ٽيم ۾ خال جهڙو محسوس ٿيندو آهي.
هرشا ڀوگلي انسٽاگرام تي پنهنجي هڪ وڊيو شيئر ڪئي آهي، جنهن ۾ هن بابر اعظم جي واکاڻ ڪندي چيو ته مان سالن کان بابر اعظم جو مداح رهيو آهيان.
هرشا ڀوگلي پاڪ-ڀارت ميچ ۾ بابر اعظم جي ڪارڪردگي بابت ڳالهائيندي چيو ته ان سان ڪو فرق نٿو پوي ته توهان ڪهڙي ٽيم لاءِ کيڏي رهيا آهيو، جڏهن ڪو عظيم رانديگر عام نظر اچڻ لڳي ته خراب لڳندو آهي ۽ مون کي ڊپ آهي ته بابر اعظم عام ٿيندو نظر اچي رهيو هو.
هن چيو ته مان رڳو اهو سوچي رهيو آهيان ته ڇا بابر اعظم ڊبل مائينڊ آهي ته هن کي پنهنجي ڪلاسيڪل انداز ۾ کيڏڻو آهي يا ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ جي نوعيت موجب اهڙا شاٽ کيڏڻا آهن جنهن سان پنهنجو روايتي انداز وڃائي ويهي.
هرشا ڀوگلي چيو ته انهيءَ مونجهاري جي نتيجي ۾ هن خراب شاٽ کيڏي ۽ هاڻي خراب شاٽ ۽ بابر اعظم گڏ نٿا هلي سگهن.
هن چيو ته جيڪڏهن توهان ڪجهه عرصو اڳ مون کان پڇو ها ته مخالف ٽيم جا 2 اهم رانديگر ڪير هوندا ته مان بابر اعظم ۽ شاهين شاهه آفريدي جو نالو کڻان ها، پر هاڻي مون کي ائين محسوس نٿو ٿئي.
هرشا ڀوگلي شاهين آفريدي بابت ڳالهائيندي چيو ته شاهين آفريدي بالر طور پاڻ تي پاشو نظر اچي رهيو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته انهن ٻن عظيم رانديگرن جي سٺي ڪارڪردگي کانسواءِ پاڪستان جي ٽيم ۾ خال جهڙو محسوس ٿيندو آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.