ڀارت هٿان شڪست تي گهڻيون ڳالهيون ٿيون، اسان جو ڌيان هڪ ميچ تي نه ورلڊ ڪپ کٽڻ تي آهي: شاداب

ڪولمبو(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر شاداب خان جو چوڻ آهي ته ڀارت هٿان شڪست تي گهڻيون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، اسان جو ڌيان هڪ ميچ تي نه پر ورلڊ ڪپ کٽڻ تي کتل آهي.
ڪولمبو ۾ نميبيا خلاف 102 رنسن تان ڪاميابي حاصل ڪرڻ کانپوءِ آل رائونڊر شاداب خان پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان اڄوڪي ميچ کي آسان نه ورتو هو.
شاداب خان چيو ته هڪ ميچ تي گهڻيون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، اسان کي اهو ميچ کٽڻ گهرجي ها، پر اسان جو فوڪس هڪ ميچ تي نه ورلڊ ڪپ کٽڻ تي آهي.
هن چيو ته اڳوڻن ڪرڪيٽرن جي پنهنجي راءِ آهي، هو ليجنڊز آهن، ورلڊ ڪپ ۾ هو به اِهو نه ڪري سگهيا جيڪو اسان ڪري چڪا آهيون، اسان ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت کي هارائي چڪا آهيون.
شاداب چيو ته اسان پراسيس تي عمل ڪري رهيا آهيون، جيڪي سٺيون شيون ڪندا آيا آهيون، انهن کي جاري رکڻو پوندو، اسان کي اهڙي ئي بيٽنگ ڪرڻي پوند، صاحبزادا فرحان سٺي فارم ۾ آهي.
شاداب خان جو چوڻ هو ته سُپر ايٽ مرحلو ڏکيو هوندو، دٻاءُ واريون ميچون هونديون، ڪنڊيشنز موجب تبديليون ٿينديون رهنديون آهن، ائين ناهي ته اسان گهڻا تجربا ڪري رهيا آهيون، ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ اڄڪلهه آل رائونڊرز ئي هوندا آهن.
واضح رهي ته آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان نميبيا کي هڪ طرفي مقابلي بعد 102 رنسن جي وڏي مارجن تان مات ڏئي سپر 8 مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.