صاحبزادا فرحان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ سڀني بيٽرن کان گوءِ کڻي ويو

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اوپنر صاحبزادا فرحان آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ بيٽر بڻجي ويو.
ڪولمبو ۾ آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي اهم ميچ ۾ پاڪستان صاحبزادا فرحان جي شاندار سينچري جي مدد نميبيا کي کٽڻ لاءِ 200 رنسن جو هدف ڏنو.
صاحبزادا فرحان 58 بالن تي 4 ڇڪن ۽ 11 چوڪن جي مدد سان 100 رنسن جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي.
هن سينچري سان گڏ ئي صاحبزادا فرحان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ بيٽر بڻجي ويو.
صاحبزادا فرحان ميگا ايونٽ جي 4 اننگز ۾ هينئر تائين سڀ کان وڌيڪ 220 رنسون اسڪور ڪيون آهن.
ان فهرست ۾ ٻئي نمبر تي ڏکڻ آفريڪي ڪپتان ايڊن مارڪرم آهي جنهن 4 ميچن ۾ 178 رنسون ٺاهيون آهن.
ان کانسواءِ صاحبزاده فرحان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 ۾ سڀ کان وڌيڪ ڇڪا هڻندڙ بيٽر پڻ بڻجي ويو، هن 4 اننگز ۾ 11 ڇڪا هنيا.
ان فهرست ۾ ٻيو نالو ڀارت جو ايشان ڪشن آهي جنهن 3 ميچن ۾ 10 ڇڪا هنيا.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.