وزيراعظم جو قومي هاڪي مئنيجمينٽ کي گهر ڀيڙو ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف هاڪي ٽيم مئنيجمينٽ کي برطرف ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
آسٽريليا ۾ هاڪي رانديگرن جي ناقص رهائش ۽ کاڌي واري معاملي تي پاڪستان اسپورٽس بورڊ جي انڪوائري ڪميٽي پنهنجي رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي.
پاڪستان اسپورٽس بورڊ جي ڊائريڪٽر جنرل ياسر پيرزادا ڄاڻايل خبرن سامهون اچڻ تي انڪوائري جو حڪم ڏنو هو.
انڪوائري ڪميٽي ۾ چيف فنانشل آفيسر حسنات احمد چيئرمين، سعيد احمد چوڌري ۽ راڻا ناصر الله ميمبر هئا.
ڪميٽي انڪوائري هڪ ڏينهن اندر مڪمل ڪري پنهنجي رپورٽ پاڪستان اسپورٽس بورڊ جي ڊائريڪٽر جنرل ڏانهن اماڻي ڇڏي.
وزيراعظم شهباز شريف انڪوائري رپورٽ جي روشني ۾ هاڪي فيڊريشن جي صدر مير طارق بگٽي ۽ جنرل سيڪريٽري راڻا مجاهد سميت ٽيم مئنيجمينٽ کي برطرف ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.