هيءَ وسيم اڪرم، سعيد انور ۽ انضمام واري ٽيم ناهي، پاڪستان ۽ ڀارت جي ڪرڪيٽ وڏو فرق اچي ويو آهي: گنگولي

ڪولڪتا (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سارو گنگولي پاڪ ڀارت ميچ تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته هي مقابلو هاڻي وڏو مقابلو ناهي رهيو.
واضح رهي ته گذريل آچر پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ جي ميچ ٿي جنهن ۾ ڀارت هڪ طرفي مقابلي ۾ پاڪستان کي 61 رنسن تان سان شڪست ڏني هئي.
ان ميچ تي تبصرو ڪندي سارو گنگولي چيو ته ”پاڪستان ۽ ڀارت مقابلو هاڻي وڏو مقابلو ناهي رهيو، اسان غلطي ڪيون ٿا جو پاڪستان کي جاويد ميانداد، سعيد انور، وسيم اڪرم ۽ انضمام واري ٽيم سمجهون ٿا، جيڪا هاڻي ناهي رهي.“
گنگولي جو چوڻ هو ته ”هاڻي ڀارت-آسٽريليا، ڀارت-انگلينڊ ۽ ڀارت-ڏکڻ آفريڪا اهي وڏيون ميچون آهن، ٻنهي ٽيمن جي معيار ۾ تمام وڏو فرق آهي.“
اڳوڻي ڪپتان وڌيڪ چيو ته ظاهر آهي ”جڏهن ٽيم جو ميعار اڳ جهڙو نه رهي ته نتيجي تي به وڏو فرق پوي ٿو.“

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.